اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ??يڪيورٽي فورسز جي رياستي ڏاڍ س??ب متاثر ڪشميرين جي علاج لاءِ انتظامن جو خواهشمند آهي. جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني بحران جي شدت ۾ اسان کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته اسان متاثرين جي علاج لاءِ فوري طور تي پنهنجي مادي ۽ انساني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون، هن چيو ته ظلم جي حد اها آهي جو والاريل ڪشمير ۾ بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ ماڻهن ۽ ادارن کي به متاثرين جي مناسب علاج جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال