بيجنگ-21فيبروري (اي پي پي)چين چيو آهي ته روس ۽ يوڪرين کي هٿيار وڪرو نه ڪنداسين. رپورٽ موجب چين جي وزيراعظم وانگ زي 60هين ميونخ سلامتي ڪانفرنس لاءِ جرمني ۾ يوڪرين جي هم منصب ديمترو ڪوليبا سان ملاقات دوران چيو ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي چين روس ۽ يوڪرين کي هٿيار وڪرو نه ڪندو. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان يوڪرين بحران پيدا ڪرڻ جو ??بب نه بڻجنداسين. جڏهن ته اسان ان جنگي بحران ۾ ٻرندي تي تيل جو ڪم نه ڪيو آهي. واضع ??هي ته يوڪرين روس جنگ دوران غير جانبداري جو اعلان ڪندڙ چين روس سان پنهجي اسٽريٽجڪ ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندوي اولهه خاص ڪري آمريڪا جي تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي.واضع ??هي ته آمريڪا جو چوڻ آهي ته چين روس کي هٿيار ۽ ٻيو جنگي سامان موڪلي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم