گڏ??ل قومون-16 نومبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي صحت بابت اداري (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ازهانوم گيبريئس چيو آهي ته غزه جي شفا اسپتال تي اسرائيلي فوجي حملي جي خبر انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، اسپتال ميدان جنگ ناهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي اسرائيلي فوجين جي شفا اسپتال تي حملي جي مذمت ڪندي هن چيو ته ا??ان طبي عملي ۽ مريضن جي حفاظت بابت فڪرمند آهيون ڇاڪاڻ ته اسپتال جي عملي ??ان سندن رابطو ٻيهر ختم ٿي ويو آهي. ٻئي طرف گڏ??ل قومن جي انساني معام??ن ۽ هنگامي امداد بابت انڊر سيڪريٽري جنرل مارٽن گريفٿس ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ چيو ته هو شفا اسپتال (غزه ۾) تي فوجي حملي سان ڊن?? آهن، اسپتال ميدان جنگ ناهي، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تازا ڄاول ٻار، مريض، طبي عملي ۽ سمورن شهرين جي تحفظ کي ٻين سمورن خدشن تي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔