گڏيل قومون – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته گذريل ڏينهن 29 آڪٽوبر تي 30 کان وڌيڪ ٽرڪون غزه ۾ داخل ٿيون جيڪي ان علائ??ي ۾ اجازت ملڻ بعد کان انساني امداد جي اها سڀ کان وڏي کيپ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق انساني معاملن بابت گڏيل قومن جي آفيس (او سي ايڇ اي) پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته پاڻي، خوراڪ ۽ طبي س??مان کڻي و??ل 33 ٽرڪون مصر جي س??حد تان رفح بارڊر ڪراسنگ تان گذريون آ??ن. ??اضح رهي ته 21 آڪٽوبر تي امداد جي بحالي بعد ڪل 117 ٽرڪون رفح رستي غزه ۾ داخل ٿي چڪيون آ??ن. ??اضح رهي ته 7 آڪٽوبر تي اسرائيل حماس جي حملي جي جواب ۾ غزه جو مڪمل گهيراءُ ڪيو هو جڏهن ته اسرائيل جي دفاع واري وزير اعلان ڪيو هو ته اتي نه بجلي هوندي، نه خوراڪ ۽ نه ئي ٻارڻ. ان کان اڳ روزانو اٽڪل 500 ٽرڪون امداد ۽ ٻين سامان جون ڄاڻايل علائ??ي ۾ داخل ٿينديون هيون.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا