بيجنگ – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪمبوڊيا جو وزيراعظ?? هون مانيت 14 سيپٽمبر تي چين جو ٽن ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪندو. فرانسيسي خابرو اداري موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سومر ڏينهن معمول واري بريفنگ دوران ٻڌايو ت?? چيني وزيراعظم لي قيانگ جي دعوت تي سندس ڪمبوڊين هم منصب 14 کان 16 سيپٽمبر تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. دوري دوران ڪمبوڊيا جو وزيراعظم چيني صدر ۽ پنهنجي چيني هم منصب سان ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ت?? اهو دورو ڪمبوڊيا جي ??ئي?? حڪومت طرفان چين- ڪمبوڊيا ??اڳ??پن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت ظاهر ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی