بيجنگ _ 26 جون (اي پي پي ) س??ود?? عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان چيني هم منصب ليفٽينٽ جنرل ڊونگ جون سان بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ج??هن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي انڊيپينڊٽ اردو مطابق ملاقات ۾ س??ود?? عرب ۽ چين جي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ دفاعي شراڪت داري کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون ته جيئن گڏيل مفادن سميت ٻ??هن ملڪن جي قيادت جي خواهشن ??ي پورو ڪري سگهجي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي قائم رکي سگهجي. ملاقات ۾ اعلى س??ود?? اختياريون چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽينٽ جنرل فياض بن حامد الرويلي ، چين ۾ س??ود?? سفير عبد الرحمان بن احمد الحربي ، اسٽريٽجڪ ميزائل فورس جو ڪمانڊر ليفٽينيٽ جنرل جر الله بن محمد الڪويت ، دفاع وارو وزيرجو ڊائريڪٽر جنرل هشام بن عبد العزيز بن سيف ، آرمڊ فورسز آپريشنز اٿارٽي جو سربراهه ميجر جنرل مسفر الغنم ۽ بيجنگ ۾ س??ود?? سفارتخاني جو اتاشي ڪمانڊر سليم بن صالح المالڪي موجود هو . ان موقعي تي س??ود?? دفاع واري وزير سان چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائس چيئر مين زانگ يوشيا پڻ ملاقات ڪئي . ٻ??هن عهديدارن ٻ??هن ملڪن وچ ۾ اسٽيٽجڪ لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ فوجي ۽ دفاعي سهڪار کي بهتر بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . هن علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون .
سعودي دفاع واري وزير جي چيني هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی