رياض- 02 نومبر (اي پي پي)سعودي عرب ۾ جنرل فوڊ سيڪيورٽي اٿارٽي جي ترجمان خالد المشعان چ??و آهي ته هڪ اندازي موجب ملڪ ۾ ساليانو 40 ارب ريال جي غذا ضايع ٿيندي آهي. سعودي خابرو اداري موجب سعودي جنرل فوڊ سيڪيورٽي اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو و??و آهي ته تازي سروي کانپوءِ ??ذا ضايع ٿيڻ جي باري ۾ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون آيا آهن، هن چيو ته مجموعي ??و رتي 33 سيڪڙو غذا ضايع ٿي رهي آهي جنهن جي مجموعي قيمت 40 ارب ريال آهي، المشعان چيو ته گهرن، بيڪرين، ريسٽورنٽ، هوٽلن، ٿوڪ ۽ ريٽيل مارڪيٽن ۾ سڀ کان وڌيڪ کاڌو ضايع ٿيندو آهي، هن چيو ته غذا جي ضايع ۾ چانور سڀني کان مٿي آهي. ان جو تناسب 31 سيڪڙو، ماني 25 سيڪڙو، آل?? 14 ??يڪڙو ۽ کجور 5.5 سيڪڙو ضايع ٿي رهي آهي، هن چيو ته غذا ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ??روري آهي ته کاڌو ضرورت موجب ۽ معقول مقدار ۾ خريد ڪيو وڃي.
ملڪ ۾ ساليانو 40 ارب ريال جي خوراڪ ضايع ٿي رهي آهي: سعودي جنرل فوڊ سيڪيورٽي اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores