اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو. پاڪستان جي چڪوال ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر منموهن سنگهه هڪ ناليوارو اقتصاديات جو ماهر ۽ سياسي اڳواڻ هو. آنجهاني کي سندس دانشمندي ۽ نرم مزاجي جي طور تي ياد رکيو ويندو. سينيٽر اس??اق ڊار چيو ته اقتصاديات جي ميدان ۾ پنهنجي نمايان ڪاميابين کان هٽي ڪري ڊاڪٽر منموهن سنگهه ??لا??قائي امن جي فروغ جي لاءِ عزم رکندو هو، ??لا??قائي مسئلن تي سندس موقف سندس ان يقين جي عڪاسي ڪندو هو ته گڏيل افهام تفهيم، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون گڏيل ترقي جي لاءِ ضر??ري آهي. هن بطور وزيراعظم پنهنجي دور ۾ پاڪ ڀارت ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ذڪر جوڳو ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي گهرڀاتين ۽ ڀارتي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق پاران ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن