اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعتن ۽ ??يد??وار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري، منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ (آن لائن شرڪت) کان علاوه لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اي سي سي گذريل فيصلن ??ي ع??لدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جن جو تعلق ماليات، گهرو، صنعت ۽ ??يد??وار، بين الصوبائي هم آه??گي، هائوسنگ ۽ اڏاوتي، خوراڪ ۽ تحفظ ۽ تحقيق، توانائي، قومي صحت جي خدمتن، قاعدن ۽ ضابطن ۽ هم آه??گي سان لاڳاپيل معاملن ??ان هو. اي سي سي کي گذريل فيصلن ??ي ع??لدرآمد جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل وزارت?? انهن مسئلن ??ي ڌار ڌار پريزينٽيشن ڏنيون جيڪي سندن وٽ التوا هيٺ هيون ۽ انهن جي حل لاءِ کنيل قدمن ۽ گهربل قدمن تي روشني وڌي. اي سي سي پنهنجي فيصلن کي لاڳو ڪرڻ ۾ دير تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي هم آه??گي کي بهتر بڻائين ۽ ڌُرين، وزارتن ۽ ڊويزنن سان هڪ مناسب مڪينزم ذريعي فعال طور ڪم ڪن ته جيئن اي سي سي جي فيصلن ??ي وقت سر عملدرامد ۽ ڏنل ڪمن ۽ ذميدارين جي پڄاڻيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اي سي سي جو خاص اجلاس
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا