اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آه?? ته ڊيٽا نيٽ ورڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، مصنوعي ذهانت ۽ فائيو جي ۾ ايجادون جٽادار ترقيءَ جهڙن چئلينجن کي مُنهن لاءِ اهم آه??، اسان جي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي وڌائڻ، جامع، محفوظ ۽ جٽادار ٽيڪينالاجي جي ترقيءَ لاءِ علائقائي تعاون ضروري آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي سانوگ 42 ڪانفرنس کي خطاب ڪ??دي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت جي ڪيترن ئي قدمن ذريعي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آه??ون، اسان اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪس شروع ڪيا آه?? ۽ اسان نيشنل انڪيوبيشن سينٽرن ذريعي 1300 کان وڌ??ڪ اسٽارٽ اپس کي تعاون فراهم ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جي ڊجيٽل پاڪستاني پاليسيءَ جو مقصد اي گورننس، سائبر سيڪيورٽي ۽ انٽر پرينيئورشپ کي هٿي ڏيڻ آه??. هن چيو ته ٽيليڪام سيڪٽر اسان جي معيشت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آه??. 2025ع جي شروع ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم نيلامي سان گڏوگڏ فائبرائزيشن پاليسي ۽ اسپيڪٽرم شيئرنگ جهڙيون قومي پاليسيون ترقيءَ کي وڌ??ڪ هٿي ڏينديون. هن چيو ته پاڪستان سائبر سيڪيورٽيءَ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آه??، آءِ ٽي يو 2024ع گلوبل سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آه??، اها اڳڀرائي اسان جي مضبوط عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته اسان جو آءِ ٽي سيڪٽر ترقي ڪري رهيو آه??، روانگي واپار پهريان ئي 3 ارب ڊالرن کان وڌ?? ويو آه??. هن چيو ته مقامي قدمن جهڙوڪ گوگل طرفان ڪروم بُڪ جي تياري ۽ اسلام آباد جي ماڊل ڊجيٽل سٽي ۾ تبديلي اسان جي جاري آءِ ٽي منظرنامي جو ثبوت آه??، اسان خاص طور تي سائبر سيڪيورٽيءَ ۾ مستقبل لاءِ هڪ هنرمند افرادي قوت کي يقيني بنائڻ لاءِ نوجوانن جي تربيت تي ڌيان ڏئي رهيا آه??ون، اسان جي جامع پاليسين جو مقصد پهچ کي وڌائڻ، سگهه، جدت، مسلسل ترقي ۽ عالمي مقابلي کي يقيني بڻائڻ آه??، اسان سانوگ جي تجربي مان فائدو کڻ??دي پوري ڏکڻ ايشيا ۾ ڀائيواري کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان جي توجهه پاليسي جي ترتيب، صلاحيت جي تعمير، انٽرنيٽ ايڪسچينج، پوائنٽس ۽ نيٽ ورڪ کي بهتر بنائڻ تي آه??. هن چيو ته اسان پنهنجي آءِ ٽي شعبي جي ترقيءَ لاءِ ع??لمي ڀائيواري ۽ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏيون ٿا.
ڊيٽا نيٽ ورڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، مصنوعي ذهانت ۽ فائيو جي ۾ ايجادون جٽادار ترقيءَ جهڙن چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهم آهن: مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea