اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ايم-6 موٽر ويز جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي ويندي، ان معاملي تي سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر پونجو ??اجه رستي کان عمر ڪوٽ ت??ئين روڊ جي مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي پنهنجن خيالن جو ??ظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته ان منصوبي تي ٺيڪيدار منع نامو وٺي رکيو آهي ۽ اهو معاملو اسلام آباد جي عدالت ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهي. هن چيو ته ايم-6 موٽر ويز جي تعمير ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي ويندي. ماضيءَ ۾ ان شاهراهه جي تعمير جي معاملي کي نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته اسان سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهيون.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria