لاهور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ جي حو??لي سان گهرو معاملن واري وفاقي وزير ، اسلام آباد انتظاميه ۽ اسلام آباد پوليس جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد تي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي اسلام آباد پوليس شاندار ڪردار ادا ڪيو، پاڪ فوج، پنجاب پوليس ۽ رينجرز به اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار وزيراعظم، گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان مل??قات دوران ڪيو، جنهن ساڻس مل??قات ڪئي. وفاقي گه??و وزير، وزيراعظم کي اسلام آباد جي تازه ترين صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم اسلام آباد جي امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ جي حو??لي سان وفاقي گه??و وزير، اسلام آباد انتظاميه ۽ اسلام آباد پوليس جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل حميد شاهه عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندي شهادت ماڻي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري. وزيراعظم چيو ته قوم اها قرباني هميشه ياد رکندي، شهيد سپاهي جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد جي وارثن جو مڪمل طور تي خيال رکيو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد جي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقي??ي بڻايو ويو. صورتحال تيزي سان معمول طرف اچي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معيشت جي ترقي ۽ مملڪت خداداد جي خوشح??لي اسان جي اولين ترجيح آهي، سياسي مخالفن کي پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري هضم نه ٿي رهي آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪري ٿي، سياسي مخالف پاڪستان جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي معيشيت جي حو??لي سان ڪنهن کي غير قانوني طور تي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ عالمي تقريبون معمول موجب ٿينديون. هن چيو ته سيڪيورٽي جا بهترين ۽ اعليٰ معيار جا انتظام ڪيا پيا وڃن جنهن تي سڄو ڌيان آهي. ان موقعي تي گه??و وزير وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اهم شاهراهون ٽريفڪ لاءِ کوليون ويون آهن، صورتحال تيزي سان معمول تي اچي رهي آهي، گه??و وزير، وزيراعظم کي سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي واپسي تي به بريفنگ ڏني ۽ چيو ته سريلنڪا ۾ قيد 56 پاڪستاني قيدي اڄ وطن واپس پهچندا. گه??و وزير چيو ته نجڪاري وا??و وفاقي وزير عبدالعليم خان سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي جا سمورا خرچ برداشت ڪندو. وزيراعظم سريلنڪا کان قيدين جي واپسي جي حو??لي سان وفاقي گه??و وزير ۽ نجڪاري واري وزير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات، اسلام آباد جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو