اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??نڌ ۾ ڪرڪي?? جي فروغ جي لاءِ هڪ جامع ڊگهي مدي واري ??وڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي جديد ڪوچنگ ۽ رهنمائي جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، جديد ڪرڪيٽ اسٽيڊميز جي تياري ??ي لاءِ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي غور ڪيو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ??نڌ پريميئر ليگ (ايس پي ايل) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري ??نڌ ۾ ڪرڪي?? جي بنيادي ڍانچي، تربيتي سهولتون بهتر بڻ??ئڻ ۽ سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ٽيلينٽ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سنڌ پريميئر ليگ سنڌ جو ڪرڪيٽ ٽيلينٽ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم آهي. هن چيو ته راندين ۽ ڪرڪيٽ ليگز منعقد ڪرڻ سان راندين جي سياحت، معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. وفد صدر کي سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيلينٽ کي فروغ ڏيڻ، ڪرڪيٽ انفراسٽرڪچر بهتر بڻ??ئڻ ۾ ليگ جي ڪردار بابت ٻڌايو. وفد سنڌ پريميئر ليگ جي افتتاحي سيزن جي ڪاميابين بابت ٻڌايو ته نوجوان ٽيلين?? جي تربيت جي لاءِ ڪراچي ۾ هڪ هاءِ پرفارمنس سينٽر قائم ڪيو ويندو. وفد صدر کي سنڌ پريميئر ليگ کي درپيش مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وفد کي سنڌ ۾ ڪرڪي?? جي حوصلا افزائي، فروغ جي لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. صدر آصف علي زرداري چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي سنڌ ۾ ڪرڪي?? جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻ??ئڻ لاءِ مدد جي لاءِ چوندس. بعد ۾ سنڌ پريميئر ليگ جي وفد صدر کي ايس پي ايل جي شرٽ پڻ پي?? ڪئي.
صدر پاران سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ هڪ جامع ڊگهي مدي وارو روڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت تي زور، سنڌ جي نوجوانن کي جديد ڪوچنگ ۽ رهنمائي جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : loteria estadual