اسلام آباد – 26 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف طائر وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم تاجڪ سفير جي آجيان ڪندي پاڪستان ۾ سندس مقرري جي مدي جي ڪ??ميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران هلندڙ مهيني دوشنبي جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هو تاجڪ صدر امام علي رحمان جي شاندار استقبال کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ دوري دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم شهباز شريف صدر رحمان کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪ??ڻ جي دعوت کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگها??ي ??عاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي شرڪت جو منتظر آهي. تاجڪ سفير وزيراعظم کي تعليم، زراعت ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ زميني ۽ فضا??ي ??ستن جي ذريعي رابطن کي وڌائڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي تاجڪ سفير سان رابطو ڪري انهن تجويزن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقا??ي ??ابطن جا ٻيا منصوبا به بحث هيٺ آيا. تاجڪ سفير وزيراعظم جي استقبال تي سندس ٿورا مڃيا?? کيس تاجڪ صدر پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف طائر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو