اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، ان دوران حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي ميمبرن ساڻس ملاقات ڪئي. و??ير??عظم ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ تي عام بحث دوران ايوان ۾ موجود رهيو، ان دوران و??ير??عظم سان اتحادي پارٽين جي ميمب??ن پڻ ملاقاتون ڪيون. و??ير??عظم ۽ دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف جي وچ ۾ ڊگهي مشاورت ٿي، نائب و??ير??عظم اسحاق ڊار به ڪجهه دير مشاورت ۾ شريڪ رهيو. ايوان ۾ مسلم ليگ (ن) جون عورتون و??ير??عظم سان گڏ تص??ير??ن ڪڍرائينديون رهيون. مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن خرم شهزاد نواز، بلال اظهر ڪياني، شيخ آفتاب احمد، عورت ميمب??ن طاهره اورنگزيب، شائسته پرويز ملڪ، نزهت صادق، پيپلزپارٽي جي ميمبر شگفته جماڻي، اعجاز جکراڻي، ايم ڪيو ايم جي ميمب??ن پڻ و??ير??عظم سان ملاقات ڪئي. بلوچستان چونڊيل ميمب??ن پڻ و??ير??عظم سان ملاقات ڪئي. و??ير??عظم ايوان مان ويندي استحڪام پاڪستان پارٽي جي ميمبر عليم خان سان هٿ پڻ ملايو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مصروف ڏينهن گذاريو
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب