اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عيدالفطر ٻين سان خوشيون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن اسا?? کي بحيثيت قوم رنڊڪ?? کي ختم ڪرڻ، ضرورتمندن جي لاءِ مدد جو هٿ وڌائڻ ۽ سڀني جي لاءِ هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو پيغام ڏي ٿو، اسان سڀني کي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ اخوت، ڀائيچاري، سماجي ۽ معاشي انصاف ۽ گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي سان سرشار ٿي هڪ متحد ۽ مضبوط بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. عيدالفطر 1445هه جي موقعي تي پيغام ۾ صدر چيو ته عيدالفطر جي هن خوشي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو، آئون الله تعاليٰ جي آڏو دعاڳو آهيان هي مبارڪ ڏينهن اسان جي لاءِ تمام گهڻيون برڪتون، خوشيون، امن ۽ سلامتي آڻي. هن چيو ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ روزا، نماز ۽ صدقن ڏيڻ کانپوءِ هن ??هيني جي پڄاڻي تي اسا?? کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته هن بي شمار نعمتن ۽ توفيق سان اسا?? کي رمضان المبارڪ جون اهي سموريون سعادتون ۽ خوشيون نصيب ٿيون آهن. رمضان دوران اسان الله جي اطاعت، تقويٰ، همدرديءَ ۽ سخاوت جي اصولن تي عمل پيرا ٿياسين. هن چيو ته عيدالفطر ٻين سان خوشيون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي. هي مبارڪ ڏينهن ان ڳالهه جي گهر?? ڪري ٿو ته اسان ضرورتمندن، لاچارن، غريبن، يتيمن ۽ محتاجن جي ڀرپور مدد ڪندي انه?? کي به عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪريون. صدر چيو ته آئون پاڪستاني قوم پاران غزه ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جي لاءِ اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته پوري پاڪستاني قوم توهان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. اسان عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته اها غزه ۾ فوري امن ۽ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اسرائيل جو ظلم، ڏاڍ ۽ نسل ڪشيءَ انساني حقن جي سنگين ترين خلاف ورزي آهي. صدر چيو ته اسا?? کي خوشي جي هن ??وقعي تي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پڻ نه وسارڻ گهرجي. آئون انه?? کي يقين ڏياريان ٿو ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل تائين انهن جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته آئون هن ??بارڪ ڏينهن جي موقعي تي هر پاڪستاني ۽ پوري مسلمان امت جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيان، الله تعاليٰ اسان جي قوم تي پنه??جو?? رحمتون نازل فرمائي، اسا?? کي نيڪي جي راهه تي گامزن فرمائي ۽ اسا?? کي اتحاد، امن ۽ خوشحالي عطا فرمائي.
عيدالفطر ٻين سان خوشيون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری