اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روس، اٽلي ۽ منگوليا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا فراهم ڪيا آهن، انهن کي پاڪستان ج?? معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر ا??ڙن خيالن ج?? اظهار روس، اٽلي ۽ منگوليا جي نامزد سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي ۽ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پاڪستان ۾ روسي فيڊريشن ج?? نامزد سفير البرٽ پي خوريف سان ڳالهائيندي صدر پاران روس سان واپار، معيشت، سياحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئون سفير ٻن??ي ملڪن ج?? وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. پاڪستان ۾ اٽلي جي نامزد سفير ماريلينا ارميلن سان ڳالهائيندي صدر ٻن??ي ملڪن ج?? وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن چيو ته اطالوي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته اٽلي ۾ رهندڙ پاڪستاني اٽلي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻن??ي ملڪن ج?? وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن اطالوي سفير کي پاڪستاني شاگردن کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ تيزي آڻڻ ۾ مدد ڪرڻ جو پڻ چيو. پاڪستان ۾ منگوليا جي غيرمقيم سفير تووشين بدرا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻن??ي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر نئين مقرر ٿيندڙ سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪست??ن سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
پاڪستان غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا فراهم ڪيا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت