اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس وزيراعظم شه??از شر??ف جو تاريخي فيصلو آهي، نواز شر??ف دور ۾ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جو بنياد رکيو ويو، صحافين ۽ فنڪارن کي هيلٿ انشورنس جي فراهمي انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، اسان 15 مهينن جي مختصر مدي ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ قانونسازي ڪئي، ان جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو، نيوز پيپرز ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري ادا ڪيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شه??از شر??ف، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت ڪوآرڊينيٽر بلال ظهر ڪيا??ي، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، اسٽيٽ لائيف انشورنس جي چيئرمين شعيب جاويد سميت ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جو تاريخي فيصلو ڪيو جنهن جي شر??عات اڄ ٿي رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سڄي پاڪستان مان صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هن سال بجيٽ ۾ هڪ هڪ ارب رپيا رکيا ??يا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت هئي ته صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ بجيٽ ۾ رکيل رقم رڳو اعلانن تائين محدود نه هجي پر ان منصوبي جي لاءِ عملي قدم کنيا ??ڃن. هن چيو ته ٻه هفتا اڳ صحافين ۽ ميڊيا ??رڪرز جڏهن ته هڪ هفتو اڳ آرٽسٽن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ رجسٽريشن جي شر??عات ڪئي وئي. هن چيو ته نواز شر??ف دور ۾ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جو بنياد رکيو ويو هو، ان بنياد ۽ اسٽيٽ لائيف جي تجربي کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري وزارت صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شه??از شر??ف 7 آگسٽ تي هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان 15 مهينن جي گهٽ مدي ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ اهم قانونسازي ڪئي، انهن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو. هن چيو ته صحافين کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي صورت ۾ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته هيلٿ انشورنس تحت ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور طبي سهولتن سميت رينل سرجري، هارٽ سرجري، ڪارڊڪ سجري سميت مختلف سرجريز جي سهولت ڏني ويندي جڏهن ته ان ڪارڊ تحت ايمبولينس سروس پڻ ڏئي سگهبي. هن چيو ته اسٽيٽ لائيف پاران ڪيتريون ئي ويليو ايڊيشنز به ڪيون ويون آهن. مريم اورنگزيب چيو ته هيلٿ انشورنس سان صحافين ۽ آرٽستن جي ڀلائي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 15 مهينن جي مختصر عرصي ۾ 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري اخباري ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ ادا ڪيا ??يا آهن جڏهن ته ميڊيا ??رڪرز پاران جاب سيڪيورٽي سميت هيلٿ انشورنس جي شر??عات ڪئي. وفاقي وزير چيو ته گذريل چار سال ۾ ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار هو، اهم منصوبا پٺتي ڇڏيا ??يا ??ئا، وزيراعظم محمد شه??از شر??ف نه رڳو انهن منصوبن کي ريسڪيو ڪيو پر انهن کي بحال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم ??ي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت جي پوري ٽيم جا ٿورا مڃيا.
صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس وزيراعظم شهباز شريف جو تاريخي فيصلو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔