اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آه?? ته اسان جو پختو يقين آه?? ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. يوم يڪجهتي ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ 5 فيبروري کي اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ اڻٽر ايڪتا جو اظهار ڪريون ٿا، هن چيو ته اهو ضروري آه?? ته ڪشميري گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي حق خود اراديت جو استعمال ڪن. هن چيو ته هي ڏينهن حڪومت پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ پوري دنيا جي سامهون اهو ثابت ڪري ٿو ته اسان والا??يل ڄمون ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي وسارڻ نه ڏينداسين، گهرو وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والا??يل ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو، اسان جو پختو يقين آه?? ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. ڪشمير جي هن ڏينهن جي موقعي تي اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والا??يل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين، منظم ۽ رياستي سرپرستي ۾ ٿيل ڀڃڪڙين کي فوري طور تي روڪي ۽ عالمي تنظيمن کي والا??يل علائقي تائين بنا رنڊڪ جي پهچ ڏي. اڄ اهو ضروري آه?? ته ڪشميري قوم جي حالت تي روشني وڌي وڃي ۽ سفاڪ ڀارتي نيم فوجي دستن جي هٿان انساني حقن جي ڀيانڪ ڀڃڪڙين تي به روشني وڌي وڃي، ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آه??.
پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا: گهرو وزير راڻا ثناءُ الله
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری