اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان ۾ مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان تي ??ريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني ۽ وائيس چانسلر ??رو??يسر ڊاڪٽر اختر علي ملڪ شرڪت ڪئي، صدر چيو ته يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ جي ميمبرن جي مقرري جي عمل کي تيز ڪري، اداري جي سينيٽ جو اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪيو وڃي، مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي ??در ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي، سينيٽ جو اداري ۾ گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته مارڪيٽ کان بهترين ماڻهن کي سينيٽ جو ميمبر مقرر ڪيو وڃي، صدر گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هائبرڊ ذريعي تعليم تي ڌيان ڏيڻ تي ??ه زور ڏنو.
صدر پاران اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان ۾ مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔