اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ا??لامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته نفرت انگيز بيانيي کي لغام ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪري??ن ٿو، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ ڪيل تقريرن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي مون ان معاملي کي نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اجلاس ۾ اٿاريو. نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ زمين هموار ٿي ۽ اسان امت کي ان مسئلي تي متحد ڪيو ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف متفقه قرارداد منظور ٿي. ان کانپوءِ پاڪستان گڏيل قومن ۾ قرارداد پيش ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان چيو ته آخري نبي حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، نفرت انگيز بياني کي لغام ڏيڻ گهرجي، الحمد الله دنيا اسان جي موقف کي تسليم ڪيو آهي ۽ اسان جي تجويز تي اهو فيصلو ٿيو آهي ته هر سال 15 مارچ کي ا??لامو فوبيا کي روڪڻ جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي ا??لامو فوبيا جي خلاف هڪ وڏي ڪام??اب?? حاصل ٿي آهي، آئون ان ڪام??اب?? تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪري??ن ٿو.
نفرت انگيز بيانيي کي لغام ڏيڻ گهرجي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری