اس??ام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري رد ڪري ڇڏي. اوگرا پيٽرول 11 رپيا ۽ ڊيزل 14 رپيا في ليٽر وڌا??ڻ جي سمري موڪلي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي جي ڪري تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن پر پاڪستاني عوام کي ان مهانگائي کان بچا??ڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪندي. ان لاءِ وزيراعظم ان سمري کي رد ڪري ڇڏيو. هن وقت حڪومت ان وڌندڙ قيمت جو بار پنهنجي مٿان کڻندي ۽ عوام کي اضافي بار کان بچا??ڻ جي ڪوشش ڪندي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ