اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ م گڏيل عقيدي تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آه??، عالمي سطح تي انهن لاڳاپن کي اهم حيثيت حاصل آهي، سعودي عرب ۽ اسان جا لاڳاپا پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ 1940ع کان قائم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ انهن لاڳاپن نئين سگهه اختيار ڪرڻ شروع ڪيو، شاهه سلمان ريليف فنڊ جي ذريعي فلاحي ڪم ساراهه جوڳا آه??، انٽر ريليف پراجيڪٽ سان غريب طبقو فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني ۾ ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر ??ار??ن ونٽر ريليف پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، 2005ع جي زلزلي ۾ سعودي عرب 10 ملين ڊالر جو عطيو ڪيو، 09 – 2008ع ۾ ٻوڏ دوران سعودي عرب ??ار??ن 170 ملين ڊالر ۽ 2014ع ۾ اڪنامڪ ريليف جي لاءِ 1.5 ملين ڊالر جو ريليف پئڪج ڏنو ويو، 1960ع کان سعودي عرب پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊونر ملڪ آه??. سعودي عرب 38 ملين ڊالر ڊيزاسٽر ريليف جي لاءِ فراهم ڪيا، هائوسنگ منصوبي جي لاءِ 55 ملين ڊالر، اسڪولن جي لاءِ 5 ملين ڊالر، مسجدن جي لاءِ 13 ملين ڊالر جا عطيا ڏنا. هن ٻڌايو ته سعودي عرب ??ار??ن پاڪستان ۾ 11271 گهر تعمير ڪيا ويا، 9800 ماڻهو ان منصوبي مان فائدو کڻي رهيا آه??. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڏهاڪا پراڻا آه?? ۽ وقت سان گڏوگڏ اهي لاڳاپا نئين سگهه اختيار ڪري رهيا آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو هر شهري سعودي عرب کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر ??ار??ن شروع ڪيل ونٽر ريليف پراجيڪٽ سان بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺتي پيل علائقن جا مستحقين فائدو کڻندا. واضح رهي ته ڪنگ سلمان هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر ??ار??ن ونٽر ريليف پراجيڪٽ شروع ڪئي وئي آه?? جنهن تحت 29 هزار ڪٽس پٺتي پيل علائقن جي عوام ۾ ورهايون وينديون. ان پراجيڪٽ سان 2 لک 90 هزار غريب ماڻهو فائدو کڻندا.
سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ م گڏيل عقيدي تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا