اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪ??ي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 17 آڪٽوبر تي اتر وزيرس??ان ۾ شهيد ٿيندڙ سيف الله خٽڪ جي گهرڀاتين کي ٽيليفون ڪ??ي. ٻئي طرف هن سپاهي محمد فهد ۽ تنوير احمد جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي هن سال 15 آڪٽوبر تي اتر وزيرس??ان ۾ هڪ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويا هئا. اهي ٽيليفون صدر معمول جي ر??ايت تحت ڪيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. صدر هن سال 4 آڪٽوبر تي اتر وزيرس??ان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عامر اقبال جي گهرڀاتين کي پڻ ٽيليفون ڪ??ي. صدر سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلند?? لاءِ دعا ڪئي ۽ قوم جي سيڪيورٽي ج?? لاءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
صدر پاران دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک