اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن، اسلام ڪنهن به شعبي ۾ استحصال جي اجازت ناهي ڏيندو، صرف منافعو ڪمائڻ ئي ترجيح نه هجڻ گهرج??، اليٽ ازم (خواص جي حڪمراني جي دستور تي اعتقاد) معاشرن کي اڏوهي وانگر کائي رهيو آه??، اسلام آباد اليٽ ازم جو تصور نه آهي، ڪووڊ 19 مالياتي منڊين لاءِ چئلنيج جي حيثيت رکي ٿو، اسلامڪ فنانسنگ جو بنياد صرف ڏيڻ وٺڻ تي نه پر صلح رحمي تي آهي، ??ورتن ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ بئنڪنگ ۽ فنانسنگ جون سهولتون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 10 هين گلوبل اسلامڪ فنانس ايوارڊ جي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو، صدر چيو ته ان تقريب جو انعقاد خوش آئنده آهي ان جي ذريعي اسلامڪ فنانسنگ جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن جو اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسلامي بئنڪاري ۽ مالياتي نظام کي سگهه ملي رهي آهي، پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ لاءِ به سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ 17 سيڪڙو بئنڪاري اسلامي قان??نن موجب ٿي رهي آه??، اسلامڪ فنانسنگ جو حصو گلوبل فنانسنگ ۾ گهٽ آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيا ادا??ا اسلامي بئنڪاري کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام ۾ به ان حوالي سان ڪافي آگاهي ڏٺي وڃي ٿي.
اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں