بيجنگ – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايشيا بابت بائو فورم جي سالياني اجلاس ?? شر??ت لاءِ سڀاڻي آچر ڏينهن چين جي ٻيٽ هينان جي ڏاکڻئي شهر سان يا پهچندو. سرڪاري ذريعن موجب پرڏيهي وزير خواجه محم?? آصف، گهرو وزير پ??وفيسر احسن اقبال ۽ پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد لغاري به وزيراعظم سان گڏ هوندا.ايشيا بائو فورم جي سالياني اجلاس کي خطاب کانسواءِ وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ۽ ان سان ٻه طرفي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪندو. وزيراعظم کي 8 کان 11 اپريل تائين منعقد بائو فورم فار ايشيا ۾ شرڪت جي دعوت ملي هئي، هلندڙ سال بائو فورم فار ايشيا جو موضوع ”عظيم خوشحالي لاءِ هڪ آزاد ۽ جدت رکندڙ ايشيا“ رکيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil