واشنگٽن-02 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي قومي سلامتي بابت مشير جيڪ س??يوان چيو آھي ته اسان جو ملڪ غزه ۾ جنگبندي ۽ قيدين جي آ??ادي لاءِ سمجھوتي تي ڪم ڪري رھيو آھي، جيڪو اڃا تائين ممڪن ناھي ٿي سگھيو. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ھن چيو ته اسان ان معاملي ۾ سمورين سرگرمين سان ڪم ڪري رھيا آھيون ته جي??ن اھو سمجھوتو ٿي وڃي. ان سلسلي ۾ علائقي جي لاڳاپيل ماڻھن سان رابطي ۾ آھيون ۽ مسلسل ڪوششون ڪري رھيا آھيون، ??ميد آھي ته اسان جنگبندي ۽ قيدين جي آ??ادي لاءِ ڪامياب ٿينداسين. ٻئي پاسي والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيل جي پرڏيھي وزير گيڊون ساعر چيو آھي ته غزه ۾ قيدين جي آ??ادي کي يقيني بڻائڻ جي معاھدي تي اشارن جي ??ورت ۾ اڳڀرائي ٿي سگھي ٿي. ھن چيو ته اميد آھي ته ان معاملي ۾ اڳڀرائي ٿيندي ڇو ته اسان قيدين جي واپسي لاءِ پرعزم آھيون. جيڪ س??يوان جا اھي خيال ان وقت سامھون آيا آھن جڏھن اسرائيل لبنان سان جنگبندي جي معاھدي کانپوءِ به لبنان ۾ حزب الله کي بمباري جو ھدف بڻايو آھي.
غزه ۾ جنگبندي ۽ قيدين جي آزادي لاءِ ٺاهه تي ڪم جاري آھي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا