نئين دهلي- 22 آ??سٽ (اي پي پي) ڀارت جي سڀ کان وڏي واپاري مرڪز ممبئي ۾ انٽرنيٽ سروسز ۽ اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي. اهو قدم لڳاتار ٻئي ڏينهن جاري احتجاج سبب کنيو ويو آهي. هڪ خابرو اداري موجب اهو احتجاج ٻن ٻارڙين سان لڄالٽ جي تمام وڏي شرمناڪ واقعن خلاف جاري آهي، ت??زن واقعن جو شڪار بڻج??دڙ ٻارڙين جي عمر چار سال هئي. ممبئي کان اٽڪل 50 ڪلوميٽر جي فاصلي تي بدله پور ۾ احتجاج جاري آهي. احتجاج جي ا??ا لهر 31 سالن جي عورت ڊاڪٽر جي اسپتال اندر قتل جي واردات کان پوءِ جاري آهي. عورت ڊاڪٽر سان افسوسناڪ واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت جي شهر ڪولڪته ۾ پيش آيو هو. بدله پور ۾ چار سالن جي ٻارڙين سان ڏاڍائي جي ا??زام ۾ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مڇريل مظ??هرو ڪندڙن اڱاري واري ڏينهن ريلوي ٽريڪ کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻارڙين لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو. رياست جي وڏي وزير اڪناٿ شيندي چيو ته ان ڪيس کي عدالت ۾ تيزي سان هلايو ويندو. هن مظ??هرو ڪندڙن تي ا??زام هنيو ته مظ??هرو ڪ??دڙ سياسي طور تي متحرڪ آهن. واضح رهي ته مهاراشٽرا ڀارت جي ا??ير ترين رياست آهي. جنهن ۾ هل??دڙ سال جي آخر ۾ چونڊن جو به امڪان آهي، ان رياست ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي کي گڏيل مخالف ڌر پاران سخت مزاحمت جو منهن ڏسڻو پوندو.
ڀارت ۾ ننڍڙين ٻارڙين سان لڄالٽ تي احتجاج سبب ممبئي ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ اسڪول بند
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش