رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان حماس طرفان اسرائيل تي اوچتي حملي بعد تشدد ۾ واڌ کي گهٽائڻ تي زور ڀريو آهي، عرب نيوز مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي، ته سعودي عرب سمورين ڌرين تي زور ??ري ٿو ته اهي عالمي قانون جو احترام ڪن. هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڀيرا ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۽ ان جي ??رپ??سي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خطرن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ضروري طريقو ڳولهڻ جي ??وششن جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي ڌرين درپيش بحران جي ناڪاري اثرن جو دائرو مهدود ڪرڻ لاءِ عالمي برادري جي ??ڏجي ??م ڪرڻ واري اهميت اجاگر ڪئي ته جيئن عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ مدد ملي سگهي.علائقائي ۽ عالمي حالتن ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو. ياد رهي ته اسرائيل جي فوج حماس جي عسڪريت پسندن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي. ان کان علاوه شهزاده فيصل بن فرحان سان فرانس ۽ هالينڊ جي پرڏيهي وزيرن به ٽيليفون تي رابطو ڪيو. فرانس جي پرڏيهي وزير غزه ۽ ان جي ??رپ??سي ۾ تازي صورتحال ۽ اتي جاري ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان ڳالهيون ??يون. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب ڪنهن به حال?? ۾ ??هرين کي نشانو بنائڻ جو مخالف آهي. سموريون ??ريون عالمي انساني قانون جو احترام ڪن، هالينڊ جي پرڏيهي وزير سعودي پرڏيهي وزير سان فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پيدا ٿيل غيرمعمولي صورتحال تي به ڳالهيون ??يون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن تي ڳالهيون ??يون.
سعودي عرب طرفان اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ تشدد ۾ واڌ ختم ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک