اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) توانائي وار?? نگران وفاقي وزير سيد علي ظفر سان پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن تاپي گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان عزم کي ورجايو ته توانائي جي ان منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان ج?? وچ ۾ تاريخي ۽ مذهبي رابطا آهن ۽ انهن جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي مل??ن جي عوام جي دلين ۾ قائم آهن. هن چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان مختلف شعبن ۾ گڏيل مفاد ?? تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔