اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته طاقت جي زور تي ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائي نه ٿو سگ??جي، ڪشمير مسئلو رڳو هڪ علائقائي تڪرار نه پر ڪشميري عوام جي خودمختياري جو بنيادي حق آهي، ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصو??ي موقف کي بدلائي نه ٿو سگ??جي، ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو خواب شرمنده تعبير نه ٿو ٿي سگ??ي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سردار اياز صادق چيو ته عالمي برادري ڀارت پاران گڏيل قومن جي قراردادن جي لاڳيتو انڪار ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ تشدد ۽ معصوم شهرين تي پيلٽ گنن جي استعمال جي باوجود خاموش تماشائي بڻيل آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ