مظفرآباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلي تي عالمي دنيا سان ??نهنجا ڪيل واعدا پورا ڪري، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم ذريعي ئي ان ????اڻ?? مسئلي جو حل ممڪن آهي. ڪشمير ڪائونسل ۽ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ڪشمير جي شهيدن جي رت سان روشن آزادي جو سج اڀرڻ ۾ هاڻي وڌيڪ دير نه آهي، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ پنهنجي نوجوان شهيد ۽ ذهين قائد برهان ??ظفر واني شهيد جي رت جي برڪت سان ه?? نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پرڏيهي جبر جي خلاف عظيم مثالي تاريخي جدوجهد ڪندڙ بهادر ڪشميري عو??م جي سرزمين تي اچڻ ۽ انهن جي چونڊيل نمائندن کي خطاب منهنجي لاءِ اعزاز آهي ڇو ته اڄ انهن ماڻهن سان ??خاطب آهيان جيڪي غير ملڪي قبضي جي خلاف جدوجهد ڪندي هڪ اهڙي تاريخ لکي رهيا آهن، دنيا جنهن جو مثال پيش ڪرڻ کان ??اصر آهي. صدر چيو ته ڪشمير جي ٻارن قابض فوج جي سختين جو مقابلو پنهنجي ننڍڙن هٿن ۾ غليل کڻي ڪيو.
گڏيل قومون ڪشمير مسئلي بابت واعدا پورا ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار