واشنگٽن-25 آڪٽوبر (ا?? پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ غزه ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين لاءِ 135 ملين ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري م??ابق امدادي رقم جو اعلان ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن غزه ۾ جنگ بندي لاء?? ڪوشسون هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪيو پيون وڃن. انٽوني بلنڪن چيو ته اسان اڄ 135 ملين ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪري رهيا آهيون ته جيئن انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ممڪن بڻائي سگهجي. ان سلسلي ۾ غزه، اولهندي ڪناري ۽ ٻين علائقن کي پاڻي ۽ طبي اوزار فراهم ڪيا پيا وڃن. غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگ دو??ان وچ اوڀر جي يارهين دو??ي جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت تائين 1.2 ارب ڊالرن جي آمريڪي امداد فلسطينين کي ڏني وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil