واشنگٽن -03 جولائي (اي پي پي ) ??مر??ڪا جلد يوڪرين کي واڌو ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد فراهم ڪندو. اها ڳالهه ??مر??ڪي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن پينٽاگون ۾ پنهنجي يوڪرين جي هم منصب رستم عمروف سان ملاقات دوران چئي. ??مر??ڪي دفاع واري وزير ان موقعي تي چيو ته هو واشنگٽن ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ نيٽو سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين لاءِ نيٽو جي رڪنيت جو رستاکولڻ جا قدم کڻنداسين. رائٽرز موجب ??مر??ڪي دفاع واري وزير چيو ته نئين فوجي امداد تحت يوڪرين لاءِ جديد ترين هٿيارن جي پيڪج ۾ ٽينڪ شڪن هٿيار ۽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز اين اي ايس ۽ پيٽرياٽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز شامل هوندا. ??مر??ڪا 2022ع کان يوڪرين کي 50ارب ڊالرن کان به وڌيڪ ماليت جي فوجي امداد فراهم ڪئي آهي پر 5 نومبر جي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي کٽڻ جي صورت ۾ يوڪرين لاءِ ??مر??ڪي امداد جي مستقبل بابت خدشا پيدا ٿي رهيا آهن. ٽرمپ جي ٻن اه?? مشيرن ان کي هڪ اه?? منصوبو پيش ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو صدارتي چونڊون کٽي ويو ته يوڪرين جنگ ختم ڪري ڇڏينداسين ان ۾ يوڪرين کي ٻڌائڻ شامل آهي ته ان کي وڌيڪ ??مر??ڪي ??ٿيار رڳو ان صورت ۾ ملندا جڏهن هو روس سان امن جون ڳالهيون شروع ڪندو. ان تجويز سان جنگ بابت ??مر??ڪي ??وزيشن ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ان کي يورپي اتحادين ۽ ٽرمپ جي پنهنجي ريپبلڪن پارٽي جي اندر مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. يوڪرين جي دفاع واري وزير رستم عمروف ٽيلي گرام ميسيجنگ ايپ تي پوسٽ ڪيل بيان ۾ نئين فوجي امداد جي فراهمي جي فيصلي تي ??مر??ڪا جو شڪريو ادا ڪيو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ان موقعي تي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نيٽو جي ايندڙ سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين کي دفاعي اتحاد جي رڪنيت ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي ٿيندي.
آمريڪا جلد يوڪرين کي ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي امداد فراهم ڪندو: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج