رمله- 01 جنوري (اي پي پي) فسل??ين?? صدر محمود عباس اسرائيلي جنگ کي فوري طور تي روڪڻ ۽ غزه ۾ امداد جي جازت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته فوجي حل خطي کي تباهي جي ڪناري تي ڌڪي ڇڏيندو. العربيه نيوز موجب هن وڌيڪ چيو ته فلس??ين?? ع??ام اڄ غزه جي پٽي، اولهه ڪناري ۽ والاريل بيت المقدس ۾ جنگ سبب تباهي جو شڪار آهن، جنهن جو مقصد اسان جي نصب العين کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي هڪ انساني مسئلي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. اڄ هڪ دفعو ٻيهر 1948ع جي عمل کي ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، فلس??ين?? صدر چيو ته فلس??ين?? پنهنجي سرزمين تان بي دخل ٿيڻ کي قبول نه ڪندا، چاهي کين ان جي ڪا به قيمت ڇو به ادا ڪرڻي پئي. هن چيو ته والاريل بيت المقدس ۽ غزه سميت اولهه ڪنارو هڪ نه ورهائڻ جوڳي جاگرفيائي آهي. هن چيو ته فوجي ۽ سيڪيورٽي حل ڪنهن لاءِ سلامتي ۽ امن نه آڻيندو پر هي خطي ۽ دنيا کي تباهي جي ڪناري ڏانهن ڌڪيندو. هن چيو ته واحد حل اهو آهي ته فلس??ين?? ع??ام جي آزادي جي حقن کي تسليم ڪيو وڃي. عالمي ٺهرائن تي ٻڌل سياسي حل طرف وڌيو وڃي، هڪ عالمي امن ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان آزاد فلس??ين?? رياست جي قيام جي راهه ??مو??ر ٿي سگهي ٿي.
فلسطيني پنهنجي سرزمين تان بي دخل ٿيڻ کي قبول نه ڪندا: محمود عباس
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر