تهران -10 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران خبردار ڪيو آهي، ته حماس طرفان اسرائيل تي حملي بعد ڪو ملڪ ايران تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. جرمن نشرياتي اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪنعاني وضاحت ڪئي آهي ته سندس ملڪ ان تڪرار ?? شريڪ ناهي ۽ اسرائيل جي حڪومت ان تڪرار کي بهانو بڻائي ايران خلاف ڪنهن به قسم ج?? جارحيت کان پري رهي. هن چيو ته ايران تي حملو ڪرڻ جو بيوقوفاڻو عمل تباهه ڪن نتيجا سامهون آڻيندو. هن اهڙو بيان اهڙن شڪن ۽ شبهن جي تناظر ۾ ڏنو آهي ته حم??س کي ايران جي حمايت حاصل آهي. گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير به چيو آهي، ته اسرائيل تي حملي ۾ ايران ملوث ناهي. اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ويڙهه ۾ شدت بعد ا??ران به چيو آهي ته ان ويڙهه کي روڪڻ لاءِ عالمي طاقتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جو هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪيو وڃي.
اسرائيل جي حڪومت ايران خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت کان پري رهي آهي: ايران جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II