اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آزادي جي ڏهاڙي تي ان عزم کي ورجائڻو پوندو ته ??نهنجي ۽ ايندڙ نسل جي مستقبل جي تحفظ لاءِ هڪ ٿي پاڪ??تا?? جي بانين جي نقش قدم تي هلندي اونداهين جو خاتمو ڪنداسين ۽ روشنين کي پنهنجو مقدر بڻائينداسين. صدر اها ڳالهه آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قو?? جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي. صدر چيو ته 14 آگسٽ کي اسان پنهنجي آزادي جو ڏهاڙو هڪ نئين جوش ۽ ولولي سان ملهائي رهيا آهيون ۽ اسان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته اسان جو اهو جوش ۽ ولولو ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي استحڪام جو رستو هموار ڪندو. صدر چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ ڪيترين ئي آزمائشن ۾ ورتل رهيو آهي پر قوم پنهنجي پڪي عزم سان انهن مشڪلا??ن کي منهن ڏنو، پاڪ??تا?? حڪومت ملڪ جي مختلف خطن، علائقن ۽ شهرن کي بدامني، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور سياسي عزم سان ڪارروائي جو فيصلو ڪيو جنهن تحت پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻيا ادارا موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ??تا?? ۾ امن بحال ٿي رهيو آهي.
صدر ممنون حسين جو 14 آگسٽ جي ڏهاڙي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری