اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته موجوده حڪومت پاڪ چين سفارتي لاڳاپن کي اقتصادي ??اڳاپن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، چين پاڪستان اقتصادي ??نگهه منصوبو 65 سالن ج?? تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، چين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي. هو پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن اسلام آباد ۾ ”پاڪ چين آئرن برادرز“ جي موضوع تي هڪ سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين ج?? دوستي نفعي ۽ نقصان کان مٿانهين آهي. چين ج?? م??يش?? سان سڄي دنيا فائدو کڻي ??هي آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر