برمنگهم _ 4 سيپٽمبر (اي پي پي ) ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي عظيم اڳواڻ شهيد سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لا??ِ برطانيه ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي و??ي. ڪانفرنس ۾ پرڏيهي ڪشميرين ۽ پاڪستانين جي وڏي انگ ??رڪت ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق برمنگهم ۾ ٿيل ڪانفرنس کي تحريڪ ڪشمير برطانيه جي صدر فهيم ڪياني خطاب ڪندي سيد علي گيلاني کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد اڳواڻ غير قان??ني ڀارتي قبضي خلاف ڪشميرين جي مزاحمت جو هڪ مثال آهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي زندگي عزم ۽ چاهه جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني سڄي زندگي پنهنجي موقف تي جبل وانگر مضبوط بيٺل رهيو ۽ ڀارتي سختيون سندس عزم کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيون. تحريڪ ڪشمير يورپ جي صدر محمد غالب چيو ته سيد علي گيلاني جي زندگي نوجوان نسل لا??ِ هڪ رول ماڊل آهي . هن چيو ته مودي حڪومت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان جي نشاندهي سيد علي گيلاني پهرين ئي ڪري چڪو آهي .هن وڌيڪ چيو ته ڀارت هن وقت سموري و??لاريل وادي کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڪشميرين جا سمورا حق ختم ڪري ڇڏيا آهن . مشهور صحافي محمد افضل بٽ ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته ڪشميرين جي آواز کي عالمي ايوانن تائين پهچائڻ لا??ِ سفارتي ڪوششن ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پرڏيهي ڪشميرين ۽ پاڪستانين جي ذميواري آهي ته هو ڀارت جي غير قان??ني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي پنهنجن ڀائرن جو هڪ موثر آواز بڻجن. ڪشميري شاعر عارف خواجه، قمر عباس، فارق قادري، سمير ٻين شرڪت ڪندڙن شهيد علي گيلاني کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته تحريڪ آزادي ۾ سيد علي گيلاني جي خدمت ڪشمير جي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکي ويندي.
سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ برطانيه ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ