گڏيل قومون _14 جون (اي پي پي ) گڏيل قومون چيو آهي ته فلسطين ??ميت سڄي دنيا ۾ جبري بي گهر ماڻهن جي انگ ۾ اضافو 2023 ع دوران نئين ??اريخي سطح تائين پهچي ويو آهي . انڊيپنڊٽ اردو گڏيل نيوز مطابق قومن جي پناهگيرن جي اداري يو اين ??يڇ سي آر جي 2024ع جي گلوبل ٽرينڊ رپورٽ جي ح??ال?? سان ٻڌايو آهي ته مجموعي طورتي مئي 2024 ع تائين 12 ڪروڙ ماڻهو سڄي دنيا جي ملڪن ۾ جبري طورتي بي گهر ٿيا ، ان اضافي ۾ اهو رجحان مسلسل 12 سالن ۾ ڏٺو ويو آهي جيڪو تڪرارن ۽ پراڻن بحرانن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي جي ترجماني ڪري ٿو . انهن سمورن بي گهر ماڻهن کي گڏ ڪيو وڃي ته اهو انگ دنيا جي 12هين ??ڀ کان و??ي ملڪ جاپان جي آبادي جيترو آهي . ان انگ اکرن ۾ ڇرڪائيندڙ اضافي جو اهم سبب سوڊان ۾ تباهي جوڳو تڪرار آهي جتي اپريل 2023ع کان 71 لک کان و??يڪ نوان ماڻهو بي گهر ٿيا جڏهن ته 19 لک پهريان ئي پناهه جي ڳولا ۾ پرڏيهه لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن . 2023ع جي آخر ۾ مجموعي طورتي هڪ ڪروڙ 8 لک سوڊاني بي گهر ٿيا . رپورٽ مطابق ان و??ندڙ انگ جي پويان انساني الميو لڪيل آهي . گڏيل قومون ??ي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپوگراندي جو چوڻ آهي ته انهن مسئلن کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي جبري بي دخلي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طورتي سرگرم ڪرڻ گهرجي . هن و??يڪ چيو ته اهو ئي وقت اهي ته سرگرم ڌريون ??نگ جي بنيادي قانون ۽ عالمي قانون ??و احترام ڪن . هن چيو ته پناهگيرن جي اڪثريت پنهنجي روسي پاڙيسري ملڪ ۾ رهندڙ آهي . جنهن مان 75 سيڪڙو پناهگير گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ رهندڙ آهن . رپورٽ ۾ موسمياتي بحران تي نوان تجربا پڻ پيش ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو بحران ڪهڙي طرح تيزي سان ۽ غير مناسڀ طورتي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي .
فلسطين سميت سڄي دنيا ۾ جبري بي گهر ماڻهن جو انگ 2023ع ۾ نئين تاريخي سطح تي پهچي ويو : گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز