تل ابيب -24 جون (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو چيو آهي، ته غزه کي ڪنهن به صورت فلسطيني اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، اتي ج??گ جاري رهندي ۽ لبناني سرحد تي پڻ جلد اسرائيلي فوج ٻيهر مقرر ڪئي ويندي. بي بي سي مطابق اسرائيل?? ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ هن چيو ته غزه جي ڏکڻ واري علائقي رفح ۾ ج??گ جو شديد مرحلو ختم ٿي ??ڪو اهي، پر ان جو مطلب اهو ن??هي ته جنگ ختم ٿيڻ واري آهي. اها ج??گ جاري رهندي. هن چيو ته اسرائيل لبنان جي سرحد تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسرائيلي فوج جلد ئي ان سرحد تي پنهنجي جٿن کي ٻيهر مقرر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. اسرائيل جي وزيراعظم ان خيال کي به رد ڪيو ته غزه جو انتظام اولهندي ڪناري ۾ قائم فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ته هو غزه ۾ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ يا ان کي فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه ٿيندا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو خطي جي اڪثر ملڪن سان گڏجي غزه ۾ هڪ سول انتظاميه قائم ڪري وٺندا.
غزه کي فلسطيني اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، جنگ جاري رهندي: اسرائيلي وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام