اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ت?? اسان کي پورو يقين آهي ت?? 2018ع ۾ اسان 2013ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر پاڪستان ڇڏي وينداسين، پوري اميد آهي ت?? 2018ع ۾ ب?? مسلم ليگ (ن) ٻيهر اقتدار ۾ ايندي، اسان چاهيون ٿا ته جيڪو به اقتدار ۾ اچي ان کي هڪ بهتر پاڪستان ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان جي هدفن ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ شامل آهي، اهو اسان جي ۽ سمورين سياسي پارٽين جي منشور جو به حصو آهي ان کانسواءِ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ ب??تري آڻڻ به اسان جي اولين ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته وز??راعظم جي حيثيت سان ذميواريون وفاقي وز??ر کان مختلف هونديون آهن، وفاقي وز??ر رڳو هڪ کاتي جو ذميوار جڏهن ته وز??راعظم اندروني ۽ ٻاهريون ذميواريون به نڀائي ٿو.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا