اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??وا?? شريف ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو آه?? ته هن سال محرم الحرام دوران پوري قوم بي مثال يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عاشوره محرم پوري عزت ۽ احترام ۽ ڪامل امن ۽ سڪون سان ملهايو ويو. وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم ??وا?? شريف چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انهن جو هر ميمبر مهرباني جو مستحق آهي جن جي فرض شناسي ۽ ذميدارين سان چاهه سبب پاڪستان جي دشمنن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪا به ڪاميابي نه ملي. وزيراعظم ان موقعي تي وطن وا??ين کي ان جي بلند شعور ۽ احساس ذميداري تي ساراهيو جنهن نه رڳو چستي جو مظاهرو ڪيو پر هي باور ڪرايو ته پاڪستاني قوم تيزي سان فروعي تفريق کان اڳتي نڪري رهي آهي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر