لاهور – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪامياب اوپن هرٽ سرجري کانپوءِ وطن وا??س پهچي ويو آهي. لاهور ايئرپورٽ تي پنجاب جي گورن?? محمد رفيق رجوانه، پنجاب جي وڏي وزي?? محمد شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، وفاقي وزيرن احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، عابد شير علي، وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، مسلم ليگ (ن) جي سينيئر عهديدارن سميت سينيئر صحافين سهيل وڙائچ، افتخار احمد، سلمان غني، مجيب الرحمان شامي، غريده فاروقي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف استقبال ج?? لاءِ ايندڙ ماڻهن سان هڪ هڪ ٿي هٿ ملايو ۽ پنهنجي صحت بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي وطن وا??سي جي موقعي تي خاتون اول بيگم ڪلثوم نواز پڻ ساڻس گڏ هئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد نواز شري?? لاهور ايئرپورٽ کان هيليڪاپٽر ذريعي پنهنجي رهائش جاتي امراءَ رائيونڊ جي لاءِ روانو ٿي ويو.
وزيراعظم ڪامياب اوپن هرٽ سرجري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ