ٽوڪيو – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي اتر اوڀر واري شهر مياگي ۾ واقع اوناگاوا ايٽمي بجلي گ??ر جي انتظامي ڪمپني پنهنجي ري ايڪٽرن مان هڪ کي 2011ع جي زلزلي ۽ سونامي جي سانحي ۾ نقصان پهچڻ جي 13 سالن کانپوءِ ٻيهر هلائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اوناگاوا ايٽمي بجلي گ??ر جي منت??م ڪمپني طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته 2011ع جي سانحي سبب اوناگاوا نمبر 2 ري ايڪٽر کي ڪيترن ئي ٻاهرين ذريعن سان هلندڙ بجلي ڪٽجي وئي هئي ۽ ان زمين هيٺ حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو هو. توهوڪو اليڪٽرڪ پاور ڪمپني بجلي گ??ر جي سامونڊي ڀتين کي سمنڊ جي سطح کان 29 ميٽر تائين بلند ڪرڻ سميت سانحي کي ٻيهر پيش اچڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کنيا آهن. توهوڪو اليڪٽرڪ ڪنٽ??ول راڊز کي هٽائي ري ايڪٽر کي ٻيهر فعال ڪيو. ڪمپني چيو ته ري ايڪٽر سيلف سسٽيننگ چين ري اي??شن تائين پهچي ويو آهي ۽ نومبر جي شروعات ۾ بجلي جي پيداوار شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
جاپان ۾ اوناگاوا ايٽمي ري ايڪٽر 2011ع سانحي کانپوءِ ٻيهر هلايو ويو
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا