گڏيل قومون -15 اپريل (اي پي پي) ايران اسرائيل ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل هنگامي اجلاس منعقد ڪيو جنهن ۾ سفارتڪارن خطي ۾ تڪرارن جي ??کڙجڻ کي روڪڻ لاءِ سڀني ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. گذريل ڏينهن منعقد سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اسرائيل ۽ ايران ٻنهي جي ??مائندن پڻ شرڪت ڪئي، جن هڪٻئي جي ??لڪن تي دهشتگرد ڪارروائين جا الزام لڳايا. ايران جي سفير امير سعيد ايراواني چيو ته اسرائيل طرفان سفارتي ڪمپائونڊ تي حملي کان پوءِ ايران کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. هن چيو ته ايران خطي ۾ ڇڪتاڻ يا جنگ نه ٿو چاهي پر جيڪڏهن سندس مفادن، عوام يا قومي سلامتي تي حملو ٿيو ته هو اهڙي ڪنهن به خطري يا جارحيت جو ڀرپور طريقي سان ۽ عالمي قانون مطابق جواب ڏيندو. آ??ري??ا ۽ ايران چيو ته هو هڪ ٻئي سان جنگ نه ٿا چاهين پر جيڪڏهن ڪو هڪ ملڪ ٻئي جي ??فادن تي حملو ڪري ٿو ته هو ان جو دفاعي جواب ڏيندا.گڏيل قومن ۾ آ??ري??ي نمائندي رابرٽ ووڊ سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته آ??ري??ا ڇڪتاڻ ۾ اضافو نه ٿو چاهي، اسان جا قدم دفاعي نوعيت جا آهن، آ??ري??ا جو مقصد غزه ۾ ڇڪتاڻ ۽ تڪرار کي ختم ڪر?? آهي. هن چيو ته آ??ري??ا ڪائونسل ۾ ايران خلاف وڌيڪ قدم کڻڻ جو منصوبو جوڙيو آهي ۽ 15 رڪني باڊي کان مطالبو ڪيو آهي، ته اها ايران جي ??دمن جي غير واضح طور تي مذمت ڪري. گڏيل قومن ۾ روس جي سفير چيو آهي، ته 14 اپريل جي رات جو جيڪو ڪجهه ٿيو اهو خلا ۾ نه پر حقيقت ۾ هو، چين جي سفير ڊاءِ ونگ سلامتي ڪائونسل کي وڌ کان وڌ پرسڪون ۽ صبر کان ڪم وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فوري جنگ بندي لاڳو ڪر?? اولين تر??يح آهي. شام جي سفير چيو ته وچ اوڀر ۾ ڇنڇر رات جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو بار بار جارحيت ۽ عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين ڀڃڪڙين جو فطري ۽ اڻٽٽ نتيجو هو، هن چيو ته اهي ڀڃڪڙيون خطي ۾ آ??ري??ا جي ??امحدود حمايت سان ڪيون ويون ۽ اسرائيل جي ??ابض اختيارين کي غلطي سان اهو يقين ڏيارڻ تي مجبور ڪيو ويو ته هو گڏيل قومن، عالمي قانونن، ۽ گڏيل قومن جي ??هرائن کان مٿانهون آهي ۽ هو ڪنهن حملي جي جواب ۽ نتيجن کان آجو هوندو. شام جي سفير منافقت ۽ ٻٽي معيار جي خاتمي جو مطالبو ڪندي چيو ته سندس ملڪ خطي ۾ وڌيڪ حملن ۽ ڇڪتاڻ جو ذميوار آ??ري??ي انتظاميه ۽ اسرائيل کي سمجهي ٿو. کين اسان جي خطي ۽ اسان جي عوام خلاف پنهنجي تباهه ڪن پاليسين تي نظرثاني ڪر?? گهرجي، کين خطي ۾ پنهنجي سرگرمين کي درست ڪر??و پوندو، ڇاڪاڻ ته اسان جي خطي جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، وڌيڪ عالمي برادري کي اسرائيلي قبضا ختم ڪر?? سان گڏوگڏ غزه جي عوام کي ڄاڻي واڻي بک وگهي مارڻ کان روڪڻ لاءِ فوري قدم، غزه م انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي ??ڪمل رسائي کي يقيني بڻائڻ ۽ شام ۾ آ??ري??ي فوجي جٿن جي ??اجائز وجود کي ختم ڪر?? گهرجي.
ايران – اسرائيل ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز