اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا زندگي جي هر شعبي ج?? ترقي جو لازمي حصو بڻجي چڪا آهن، اي پي پي جي سوشل اينڊ ڊيجيٽل ميڊيا سيڪشن مختصر عرصي ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، هن اداري کي جديد رخن تي قائم ڪري روينيو ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهجي ??و، سوشل ميڊيا ٽيم وٽ اهڙي مهارت آهي جيڪا پيشيواراڻي ذميواري ادا ڪرڻ کانسواءِ روزاني زندگي ۾ انهن جي تمام گهڻو ڪم ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون سال شروع ٿيڻ تي سوشل ميڊيا ٽيم سان گڏ ڪ??ڪ ڪاٽيندي ڪيو. سيڪشن انچارج عارف حسين لاشاري ۽ نائب انچارج عب??س شگري ايم ڊي محمد عاصم کچي کي پنهنجي ٽيم پاران گلدستو پيش ڪيو ۽ چيو ته توهان جي رهنمائي ۽ سرپرستي کانسواءِ هڪ قدم به اڳتي وڌڻ مشڪل هو. توهان سوشل ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ٽيم کي نه رڳو ڀرپور اعتماد ڏنو پر انهن کي بنيادي سهولتون پڻ فراهم ڪيون جنهن جي ڪري اسان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو مليو. توهان جا انتهائي ٿورائتا آهيون جو توهان هن سيڪشن جي لاءِ خصوصي وقت ڪڍيو.
سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا زندگي جي هر شعبي جي ترقي جو لازمي حصو بڻجي چڪا آهن، اي پي پي جي سوشل اينڊ ڊيجيٽل ميڊيا سيڪشن مختصر عرصي ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي: ايم ڊي اي پي پي محمد عاصم کچي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے