اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ ان??اف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ?? جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي. قان??ن واري وزير نئين مقرر ٿيل ترڪيه جي سفير جي آجيان ڪئي. قانون ۽ ان??اف واري وزارت طرفان جاري بيان موجب قان??ن واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪر?? لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي، پُراڻن ۽ ڀائراڻن ناتن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير مختلف شعبن ۾ سهڪار جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ ڊجيٽلائيزيشن، ججن جي تربيت ۽ جيلن بابت سڌارن تي تعاون جو ورجاءُ ڪيو ويو. قان??ن واري وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ترڪيه جهڙيءَ طرح ترقي ڪئي آهي پاڪستان ان مان سِکي سگهي ٿو. ٻنهي ڌُرين ڪيس مئنيجمينٽ سسٽم ۽ جيل مئنيجمينٽ سسٽم جي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير شاندار آجيان تي قان??ن واري وزير جو ٿورو مڃيو.
سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ