اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ضلعي جي علائقي جوهان ۾ دهشتگردن طرفان معصوم شهرين تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ف??ت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ گهر ڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ه??اي?? پڻ ڪئي. هن واقعي ۾ ملوث ڏوهارين خلاف فوري ڪارروائي ۽ کين ڪڙي سزا ڏيڻ جي ه??اي?? ڪندي چيو ته دهشتگردن جو معصوم شهرين تي بزدلاڻو حملو مذمت جوڳو آهي. بلوچستان ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني ڦهلائيندڙ عنصر صوبي جي ماڻهن ۽ ترقي جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته اهڙا ن??پاڪ حربا حڪومت جي بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي واري عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين، دهشتگردي ??ي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين انهن خلاف جنگ جاري رکي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف جي جوهان ۾ دهشتگردن جي شهرين تي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا