ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچس??ان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت عوامي نمائندن معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪندي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بلوچس??ان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت سمورن عوامي نمائندن جو اعليٰ سطحي اجل??س ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، بلوچس??ان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچس??ان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، واپار وا??ي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، منصوبابندي ۽ ترقي وا??ي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شرڪت ڪئي. پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) پاران سردار يعقوب خان ناصر ۽ سردار عبدالرحمان کيتران، پاڪس??ان پيپلزپارٽي پاران ظهور احمد بليدي ۽ مينا بلوچ، نيشنل پارٽي پاران ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، رحمت صالح بلوچ ۽ مير ڪبير محمد، بلوچس??ان عوامي پارٽي پاران خالد حسين مگسي ۽ صادق سنجراڻي، عوامي نيشنل پارٽي پاران زمرڪ خان اچڪزئي ۽ مسٽر اصغر، جمعيت علماءِ اسلام پاران مولانا عبدالواسيع ۽ يونس زهري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سياسي پارٽين جي سربراهن بلوچس??ان جي عوامي مسئلن بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ بلوچس??ان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشنز جو ج??مع جائزو ورتو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن بلوچس??ان ۾ تازي دهشتگردي جي متاثرين جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ??يو ۽ وڌيڪ معصوم جانين جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ وقت سر جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. اجلاس ۾ معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو ويو.
بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت عوامي نمائندن پاران معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados